ضياءُ الدين يونيورسٽي

ضياءُ الدين يونيورسٽي

ضياء الدين يونيورسٽي

ضياءُ الدين يونيورسٽي: ضياءُ الدين يونيورسٽي ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ قائم آهي، جيڪا مشهور تعليمدان ۽ علي ڳڙهه يونيورسٽي جو ٻه ڀيرا وائيس چانسلر رهندڙ ضياءُ الدين احمد زيدي جي اعزاز ۾ سندس خاندان (جنهن جو اهم رڪن ڊاڪٽر عاصم حسين آهي). قائم ڪئي آهي. هي پرائيويٽ تحقيق جو ادارو آهي جيڪو 1995ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. هي ادارو تمام اعليٰ درجي جي ميڊيڪل ۽ بائيلاجي ۾ تحقيق ڪندڙ ادارو آهي. هن جي دائري ۾ تندرستي ۽ صحت لاءِ ڪم ايندڙ اوزارن تي تحقيق اهم آهي. انهيءَ سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ طرفان ڪيترائي پروگرام جڙيل آهن جن ۾: انڊر گريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ڊاڪٽرل پروگرام شامل آهن. هن وقت هي ادارو هاير سيڪنڊري ڪائونسل وٽ هيلٿ جي سلسلي ۾ تمام مٿاهين درجي تي پهتل ادارو آهي. جيڪو سر ضياءُ الدين احمد جي پوٽي محترم ڊاڪٽر عاصم حسين جي نگراني ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن يونيورسٽي جون ٻيون به شاخون آهن جن ۾ (1) ڊاڪٽر ضياءُ الدين اسپتال نارٿ ناظم آباد (300 بسترن تي مشتمل)، (2) ڊاڪٽر ضياءُ الدين اسپتال، ڪلفٽن ڪيمپس (150 بسترن تي مشتمل)، (3) ڊاڪٽر ضياءُ الدين اسپتال، ڪياماڙي ڪيمپس (125 بسترن تي مشتمل)، (4) ڊاڪٽر ضياءُ الدين ڪينسر اسپتال نارٿ ناظم آباد، (5) ڊاڪٽر ضياءُ الدين ويم گهر ۽ ٻارن جي نگهداشت جو سينٽر گول مارڪيٽ ناظم آباد، (6) سوڀراج ميٽرنٽي هوم وغيره، (7) ضياءُ الدين يونيورسٽي طرفان ڪيترائي تعليمي ۽ تحقيقي پروگرام ڪرايا وڃن ٿا جن ۾: (1) بيچلر آف ميڊيسن، بيچلر آف سرجري، (2) ايم. فل، (3) ڊاڪٽر آف ميڊيسن ان ڪلينيڪل سائنس، (4) ماسٽر آف سرجري اِن ڪلينيڪل سائنس، (5) ڪلينيڪل ڊپلومه. اهڙي نموني هن يونيورسٽيءَ ۾ ڏندن جو شعبو، فارميسيءَ جو شعبو، نرسنگ جو شعبو، ميڊيڪل ٽيڪنالاجيءَ جو شعبو، وغيره ڪم ڪري رهيا آهن. انهن شعبن ۾ تمام ماهر ڊاڪٽر پيدا ٿي رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو